محمد اسلم ڀوتاڻي

محمد اسلم ڀوتاڻي

محمد اسلم ڀوتاڻي

محمد اسلم ڀوتاڻي: بلوچستان جي هاڻوڪي اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻيءَ 2 آڪٽوبر 1960ع تي دريجي، ضلعي لسٻيلي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سردار اميد علي ڀوتاڻي آهي. 1982ع ڌاري هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. هن باقاعدي سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت حاصل ڪئي ۽ 2002ع وارين عام چونڊن ۾ هو لسٻيلي جي تڪ پي. بي-45 تان ايم. پي. اي چونڊجي آيو. جڏهن ته 2008ع واري اليڪشن ۾ هن ٻيهر ڪاميابي ماڻي ۽ ’هم خيال گروپ‘ جو پارلياماني ليڊر چونڊيو ويو. هن وقت هو بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر آهي. اسلم ڀوتاڻي ڪيترن ئي ملڪن جا ذاتي ۽ سرڪاري دورا پڻ ڪيا آهن، هو سنڌي، اردو ۽ بلوچي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.10.02  عيسوي

محمد اسلم ڀوتاڻيءَ 2 آڪٽوبر 1960ع تي دريجي ، ضلعي لسٻيلي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسدالله ڀٽو پروفيسر
ڏگوغريب الله
ثقلين مشتاق
ڀٽي مخدوم محمد صالح
حاجي مصري لنڊ
رئيساڻي اسلم خان
شـمس جـعـفـراڻي
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
خوشيرام منشي
ساجده جبين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون